ڪراچي: يوسي 2 ۾ دي اسمارٽ اڪيڊمي اسڪول جي ڪمپيوٽر ليب جو افتتاح
منگھوپير ٽائون ڪارپوريشن جي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي ڪمپيوٽر ليب جو افتتاح ڪيو
ڪراچي (رپورٽ اعجاز چانڊيو)ڪراچي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپير جي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي يوسي 2 ۾ دي اسمارٽ اڪيڊمي اسڪول جي ڪمپيوٽر ليب جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي جي اهميت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شاگردن کي معياري تعليم ۽ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ته جيئن اهي اڄ جي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهن. ڇو ته تعليم ئي ڪنهن به قوم جي ترقي جو بنياد آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ليس ٿيڻ وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪمپيوٽر ليب جهڙا منصوبا ٻارن ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن سمارٽ اڪيڊمي جي منتظمين کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اهڙن قدمن سان تعليمي نظام مضبوط ٿيندو آهي ۽ ٻارن کي عالمي معيار جي تعليم ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ مدد ملندي آهي. اهيهن والدين تي زور ڏنو ته هو تعليم سان گڏ پنهنجي ٻارن جي ٽيڪنالاجي ٽريننگ تي ڌيان ڏين. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته منگھوپير ۾ تعليمي سهولتن جي بهتري لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو ته جيئن ايندڙ نسل کي بهتر مستقبل فراهم ڪري سگهجي. افتتاحي تقريب ۾ اسڪول جي شاگردن، استادن، والدين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان اقدام کي ساراهيو. حاجي نواز علي بروهي اسڪول انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته هي قدم نوجوان نسل جي روشن مستقبل لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. ان موقعي تي ساڻس گڏ اختر لنڊ، جاويد بروهي ان موقعي تي اسڪول انتظاميا ۽ علائقي جا معززين پڻ موجود هئا