اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪراچي: سنڌ سيڪريٽريٽ تي حملي ڪيس مان ايم ڪيو ايم جا ٽارگيٽ ڪلر بري

سنڌي خبرون 31st Oct 2023 40 مناظر

عدالت سعيد ڀرم، فهيم مرچي ۽ ناصر خجي کي باعزت بري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت 1995ع ۾ ايم ڪيو ايم پاران سنڌ سيڪريٽريٽ تي راڪيٽ لانچر سان حملي واري ڪيس جو 29 سالن بعد فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
پراسيڪيوشن هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم جي بدنام زمانہ ٽارگيٽ ڪلرز سعيد ڀرم ۽ ٻين کي سزا ڏيڻ ۾ ناڪام
عدالت سعيد ڀرم، فهيم مرچي ۽ ناصر خجي کي باعزت بري ڪري ڇڏيو
عدالت چيو تھ جيڪڏهن جوابدار ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نامزد ناهن ته کين عدالت جي حڪم تي آزاد ڪيو وڃي،
پراسيڪيوشن جو چوڻ آهي ته جوابدارن 1995ع ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ تي راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو هو
پراسيڪيوشن جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ان وقت جي وزير نثار کهڙو سميت ٻين جي آفيسن کي تباهه ڪيو ويو ھو
پراسيڪيوشن جو چوڻ آهي ته 2016 ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري ايم ڪيو ايم جي خطرناڪ دهشتگردن فهيم عرف مرچي ۽ ناصر عرف خجي کي گرفتار ڪيو هو.
پراسيڪيوشن چيو تھ جوابدارن اعتراف ڪيو ھو ته سندن ھٿيار سعيد ڀرم فراھم ڪندو ھو،
جوابدارن خلاف آرٽلري ميدان ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا ھئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ