اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪراچي جي ولي محمد خاصخيلي ڳوٺ ۾ تاجدار ختم نبوت ڪانفرنس منعقد

سنڌي خبرون 03rd Sep 2023 302 مناظر

تحريڪ پيغام اسلام پاڪستان جي طرفان مسجد جامع زيتون الجنه ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي

گڏاپ (رپورٽر)ڪراچي جي نادرن باء پاس تي قائم ولي محمد خاصخيلي ڳوٺ ۾ تحريڪ پيغام اسلام پاڪستان جي طرفان مسجد جامع زيتون الجنه ۾ تاجدار ختم نبوت ڪانفرنس پروگرام منعقد ڪيو ويو جنھن جو خصوصي مھمان پير طريقت صاحب زاده افتخار الحسن الحسني ھيو تفصيل موجب :- ڪراچي اولهه منگھوپير ٽائون يوسي 13 جي ولي محمد خاصخيلي ڳوٺ جي مسجد جامع زيتون الجنه ۾ تحريڪ پيغام اسلام پاڪستان طرفان تاجدار ختم نبوت ڪانفرنس جو پروگرام منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ اھلسنت جي وڏن نالن وارن عالمن شرڪت ڪئي جنھن ۾ استاد القرآء شيخ قاري عبدالقيوم.مفتي محمد اقبال.نقشبندي.علامه محمد اشرف.مفتي محمد امين.قاري محمد ممتاز خان حسني.مفتي محمد بلال.مفتي رياض حسين مجددي.قاري محمد ظفرالقادري ۽ ٻيا موجود ھيا ختم نبوت ڪانفرنس پروگرام جي سربراهي سماجي اڳواڻ محمد اصغر پاتڻي ۽ قاري ارشاد ڪئي مقررين جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته تحريڪ پيغام اسلام جو اصل منشور آھي ته اھلسنت جون جيتريون به تنظيمون آھن انھن سڀني کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيون ته جيئين ھڪ مضبوط طاقتورتنظيم بڻجون عاشق رسول صه جتي به ھجن انھن کي ھن پليٽ فارم تي گڏ ڪيون اسان جو ھڪ ئي آواز ھجي ختم نبوت تي پھرو ڏيڻ حفاظت ڪرڻ ۽ اسان جو ھڪ ئي نعرو ھجي لبيڪ لبيڪ يارسول الله مفتي بلال قادري خطاب ڪندي چيوته جيڪي به اھلسنت جون مسجدون آھن انھن جو تحفظ ڪرڻ ۽ علماءِ اھلسنت جو تحفظ ڪرڻ ۽ جيڪي اھلسنت والجماعت جنھن ۾ سني. بريلوي. قادري چشتي. سھروردي.اجميري ۽ تمام عاشق رسول صه جون تنظيمن کي ھڪ ڪري ھڪ وڏي طاقت بڻجون
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ