پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪراچي جي موسميات واري علائقي ۾ جشن آزادي جي تقريب منعقد

سنڌي خبرون 15th Aug 2023 280 مناظر

تقريب ۾ پ پ اڳواڻ سعيد غني، راشد خاصخيلي، جاويد ناياب لغاري، محمد آصف ۽ ٻين جي شرڪت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي موسميات ويجھو خاصخيلي بلڊرز ۽ ڊولپرز جي ايم ڊي ارشاد خاصخيلي طرفان جشن آزادي جي تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ اڳوٺي صوبائي وزير ۽ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني۔پلپز يوٿ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صفوران ٽائون جي چيئرمين راشد خاصخيلي۔پيپلز يوٿ سنڌ جي صدر جاويد ناياب لغاري۔پ پ ضلعي اوڀر جي ڪنوينر محمد آصف خان۔تاج محمد وساڻ عمران شيخ ۽ ٻين سان گڏ چونڊيل نمائيندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته اڄ جو ڏھاڙو اسان سڀني ملڪ واسين جي لاء خوشين جو ڏھاڙو آھي ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي بھترين رھي جنھن ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا راشد خاصيلي چيو ته اڄ جو ڏينھن اسان سڀني جي لاء ڪنھن خوشين کان گھٽ ناھي ھن چيو ته مخالف حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ بعد پاڻ کر چمڪائڻ لاء پارٽي خلاف پروپيڪنڊا ڪري رھيا آھن اسين انھن کي منھن ٽوڙ جواب ڏينداسون
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ