ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪراچي جي عدالت اي ايس پي ندا جنيد خلاف ڪارروائي جو فيصلو غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو

سنڌي خبرون 16th Apr 2026 273 مناظر
ڪراچي جي عدالت اي ايس پي ندا جنيد خلاف ڪارروائي جو فيصلو غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو
ڪراچي جي عدالت اي ايس پي ندا جنيد خلاف ڪارروائي جو فيصلو غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو. سول جج ۽ جوڊيشل ميجسٽريٽ 11 ڏکڻ ڪراچي جي عدالت، اي ايس پي ڊفينس ندا جنيد پاران جمع ڪرايل ميڊيڪل سرٽيفڪيٽن کي جعلي قرار ڏيندي، هن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو. جوڊيشل ميجسٽريٽ 11 ڏکڻ ڪراچي جي عدالت پاران ڪيس ۾ غير حاضر رهڻ تي اي ايس پي ڊفينس ندا جنيد کان وضاحت طلب ڪندي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو، جنهن تي هن بيمار رهڻ جو سبب ڄاڻائي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايا. جوڊيشل ميجسٽريٽ 11 ڏکڻ ڪراچي جي عدالت، اي ايس پي ندا جنيد پاران جمع ڪرايل ميڊيڪل سرٽيفڪيٽن کي جعلي قرار ڏئي هن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو. اي ايس پي ندا جنيد پنهنجي وڪيل خالد حسين کوسو وسيلي عدالتي فيصلي کي چيلينج ڪندي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنز جج روشن علي ٻگهيو ڪراچي جي عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي.ڏهه اي ڊي جي ڏکڻ ڪراچي، اي ايس پي ندا جنيد جي وڪيل خالد حسين کوسي جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سول جج ۽ جوڊيشل ميجسٽريٽ 11 ڏکڻ ڪراچي جي عدالت جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ