ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ پ پ اڳواڻ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل
امجد حسين پ پ اورنگي ٽائون يوسي جو صدر هو، کيس پ پ آفيس ٻاهران قتل ڪيو ويو: پ پ اڳواڻ وقار مهدي
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، سياسي ڪارڪن قتل، اورنگي ٽائون جي خليل مارڪيٽ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري 40 ورهين جي امجد حسين ولد نورالهدي کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مقتول تي ويجهي کان فائر ڪيا، واردات ۾ 2 هٿيار استعمال ڪيا ويا، مقتول جو تعلق سياسي پارٽي سان آهي. پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، پ پ اڳواڻ وقار مهدي موجب مقتول پ پ اورنگي ٽائون يوسي جو صدر هو، دهشتگردن پ پ آفيس ٻاهران فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آئي جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺي، شهيد ڪارڪن جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن،