اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ڦل ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ چاچي ھٿان نوجوان ناري بيدردي سان قتل

سنڌي خبرون 28th Feb 2024 263 مناظر

ڦل ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ چاچي ھٿان نوجوان ناري بيدردي سان قتل

نوشهرو فيروز(ڊر)ڦل شهر ڀرسان يوسي ويسر جي ڳوٺ سوڀو رند ڀرسان مامي ڀاڻج تي ڪاري جو الزام لڳائي ماري وڌو. نوجوان غير شادي شدهه حضوران لغاري کي ڦاهو ڏيئي ماري ويو جنهن جو لاش پوسٽمارٽم لاءِ سول اسپتال نوشهرو فيروز آندو ويو جتي مقتول حضوران جي ڀيڻ حرمت لغاري ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ حضوران کي مامي شير لغاري ماريو آهي وڌيڪ هن ڪجهه نه ٻڌايو جڏهن ته ڀريا پوليس جوابدار شير لغاري کي گرفتار ڪيو آھي جتي هن اقرار ڪيو ته مون ڀاڻيجي حضوران کي ڪاري ڪري ماريو آهي ۽ مون کي ڪوبه افسوس ناهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ