پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

ڦل جو صحافي ماجد علي ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌي خبرون 15th Sep 2023 211 مناظر

ماجد علي ميمڻ دل جو دورو پوڻ سبب دم ڌڻي حوالي ڪيو

نوشهروفيروز (ڊ ر) ڦل شهر جو نوجوان صحافي ۽ نجي چينل جو رپورٽر ماجد علي ميمڻ اوچتو دل جو دورو پوڻ ڪري اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. ماجد جي فوتگي جو اطلاع ملندي ئي نوشھروفيروز ضلعي جي صحافين ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي. نوشهروفيروز پريس ڪلب جي صدر ممتاز سولنگي۔ مشتاق مري۔ عطا حسين سمون. خادم حسين مري۔ يونس راڄپر. ساگر يوسف منگي۔علي نواز سولنگي. خادم سيال. سهيل احمد راڄپر ۽ ٻين پاران ماجد ميمڻ جي اوچتي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي سندس پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ