جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

ڏھرڪي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج

سنڌي خبرون 05th Oct 2023 47 مناظر

پسند جو پرڻو ڪيو آھي، گھر تي حملو ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: ناري

ڏهرڪي (نويد چغتائي ) ڏهرڪي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو بااثرن ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج جوڙي پاران بااثر مٿان گهر تي حملو ڪري کيس ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرائڻ جي ڪوشش جا الزام ۔مون پنهنجي رضا خوشي سان گهران نڪري نوجوان گلزار ڪوڀر سان ميرپور ماٿيلو جي ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي جنهن تان بااثر چوهدري عبدالرزاق آرائين ۽ افضل ڪمبوه وارن منهنجي وارثن کان 30 لک روپيا ڀتو وٺي اسان کي ڪارانهن الزام هيٺ قتل ڪرائڻ لاءِ اسان جو جانين جا دشمن بڻجي کيس پوليس سان ملي جيئڻ جنجال ڪري ڪري ڇڏيو (ناري فاخراه آرائين)خبر موجب ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ اڪبر ڪوڀر واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري فاخراه ڌي محمد امين آرائين پنهنجي پريمي نوجوان گلزار پٽ غلام قادر ڪوڀر سان گڏجي ڏهرڪي ۾ ميڊيا وٽ پهچي چوهدري برادري بااثرن ۽ ڏهرڪي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي ناري فاخراه آرائين پنهنجي مڙس گلزار ڪوڀر سان گڏجي دانهيندي چيو ته مان پنهنجي رضا خوشي سان گهران نڪري 3 مهينا اڳ نوجوان گلزار ڪوڀر سان ميرپور ماٿيلو جي ڪورٽ ۾ پنهنجي وڪيل معرفت پسند جو پرڻو ڪيو آهي جنهن تان بااثر چوهدري عبدالرزاق آرائين ۽ افضل ڪمبوه وارن منهنجي وارثن کان 30 لک روپيا ڀتو وٺي اسان کي ڪارانهن الزام هيٺ قتل ڪرائڻ لاءِ اسان جي جانين جا دشمن بڻجي کيس پوليس سان ملي جيئڻ جنجال ڪري ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته چوهدري عبدالرازق ۽ افضل ڪمبوه وارن منهنجي وارثن کان ورتل 30 لک رقم مان منهنجي پنجاب واسي مامي آئيشه کي 5 لک ڏيڻ سان گڏو گڏ ڏهرڪي پوليس کي لکين روپيا رشوت ڏئي ڏهرڪي ٿاڻي تي گلزار جي ڀائرن اسحاق ڪوڀر، فياض ڪوڀر ۽ ڪوشو ڪوڀر مٿان آئيشه کي اغوا ڪري زبردستي ڏاڍئي ڪرڻ جي ڪوشش جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي هن چيو ته سندس ڏير ڪراچي ۾ هئڻ باوجود ڏهرڪي پوليس چوهدري عبدالرازق سان ملي سندن ڏيرن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهن هن چيو ته منهنجي پسند جي پرڻي تان بااثر چوهدري عبدالرازق آرائين،افضل ڪمبوه ،سڪندر آرائين،علي رضا آرائين ۽ ٻيا اسان جي جانين جا دشمن بڻجي ويا آهن جيڪي اسان کي ڪارانهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن بعد گذريل ڏينهن بااثرن جي چرچ تي سڪندر آرائين ۽ علي رضا آرائين پنهنجي ساٿين سان گڏجي اسان جي گهر تي حملو ڪري کيس ڪارانهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جوڙي سيشن جج گهوٽڪي، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڏهرڪي پوليس پاران گلزار جي ڀائرن مٿان داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس جو نوٽس وٺي اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏيندڙ بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ