پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ لالي جا ڀاڻ واسين جو يوسي يئرمين خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 03rd Jul 2025 211 مناظر
ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ لالي جا ڀاڻ واسين جو يوسي يئرمين خلاف احتجاج

يوسي چيئرمين اسان جي ڳوٺ کي ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي: ڳوٺاڻا

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ لالي جا ڀاڻ جي رهواسين برڪت علي ابڙو، طارق علي ابڙو، ايڊووڪيٽ ڪاشف ابڙو ۽ ٻين ڳوٺاڻن پاران يونين ڪائونسل محرابپور جي چيئرمين خلاف احتجاج،هٿ وٺي اسان جي ڳوٺ کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو پيو وڃي، احتجاج ڪندڙ. تفصيل موجب گذريل ڏينهن ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ لالي جا ڀاڻ جي رهواسين يوسي محراب پور جي چيئرمين خلاف احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو ڳوٺ تمام قديمي ڳوٺ آهي جتي يوسي چيئرمين هٿ وٺي ڳوٺ کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو آهي، ڳوٺاڻن برڪت علي ابڙو، ايڊووڪيٽ ڪاشف حسین ابڙو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يونين ڪائونسل محراب پور جو چيئرمين اسان جي ڳوٺ لالي جا ڀاڻ کي ترقياتي ڪمن توڙي سولر پليٽون، لائيٽون ۽ نلڪا سلائي مشين ڏيڻ ۾ مسلسل نظرانداز ڪري رھيو آھي، جڏھن ته چيئرمين يونين ڪائونسل جي ٻين مختلف ڳوٺن ۾ من پسند ماڻهن کي سولر پليٽون، لائيٽون ، نلڪا ۽ ٻيون سھولتون پنھنجي من پسند ماڻھن کي ڏيئي رھيو آھي، ڳوٺاڻن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته يونين ڪائونسل محرابپور جي چيئرمين جي متڀيد روين جو فوري طور تي نوٽيس وٺي يونين ڪاؤنسل محراب پور جي سمورن ڳوٺن کي بنا ڪنھن سياسي سماجي فرق جي بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ