جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

ڏوڪري ويجهو يوسي وائيس چيئرمين جي سرن جي بٺي تان چوري

سنڌي خبرون 22nd Jan 2025 151 مناظر
ڏوڪري ويجهو يوسي وائيس چيئرمين جي سرن جي بٺي تان چوري

چور عامر ڏيرو جي بٺي تان لوڊر رڪشا، 7 سولر پليٽون، 2 بيٽريون کڻي فرار

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري باء پاس وٽان پ پ اڳواڻ، يوسي وڪڙو جي وائيس چيئرمين عامر علي ڏيرو جي سرن جي بٺي تان نامعلوم چور دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ بيٺل لوڊر رڪشه 7 سولر پليٽون ۽ 2 بيٽريون کڻي ويا آھن، جڏھن ته اهڙو اطلاع ڏوڪري پوليس کي ڏنو ويو آھي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي بابت تفصيل گڏ ڪري ورتا.جڏھن ته ڏوڪري پوليس پيرين جي مدد سان پيرا کڻائي رهي آھي،هوڏانهن پ پ اڳواڻ يوسي وڪڙو جو وائيس چئرمين عامر علي ڏيرو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڏوڪري باء پاس وٽان منهنجو سرن جو بٺو آھي جتي گذريل رات دير سان نامعلوم چور منهنجي دڪان جا تالا ٽوڙي منهنجو بيٺل لوڊر رڪشه، 7 سولر پليٽون ۽ 2 هيوي بيٽريون دڪان ۾ پيل هيون جيڪي نامعلوم چور کڻي ويا آھن. هن چيو ته اسان اهڙو اطلاع ڏوڪري پوليس کي ڏنو آھي، پوليس ۽ پيرين جي مدد سان پيرا کڻائي رهيا آھيون.هن چيو ته ڏوڪري پوليس بنا دير منهنجو چوري ٿيل رڪشه لوڊر سولر پليٽون ۽ بيٽريون واپس ڪرائي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ