پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

ڏوڪري ۾ جبري گمشدگي خلاف احتجاج مظاهرو

سنڌي خبرون 02nd Nov 2025 312 مناظر
ڏوڪري ۾ جبري گمشدگي خلاف احتجاج مظاهرو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ جبري گمشدگي خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو. تنوير ڪولاچي، ظهير بسمل، ساجد باغ جتوئي، پون ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ مان جبري گمشدگي ۽ 20 مئي مورو واقعي جي ڪوڙن ڪيسن ۾ قيد ٿيل سنڌي انعام جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌي انعام، غني امان چانڊيو، سرمد ميراڻي ۽ ٻين قومي سوچ رکندڙ نوجوانن کي صرف پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ حقن جي ڳالھ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ کنڀي گم ڪيو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ