ڏهرڪي ويجهو اغوا ٿيل پورهيت جي ڌاڙيلن وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، احتجاجي مظاهرو
وڊيو ۾ ڌاڙيل پورهيت تي تشدد ڪندي نظر اچن، وڊيو ملڻ بعد سندس وارثن احتجاج ڪيو
ڏهرڪي (نويد چغتائي) ڏهرڪي ويجهو ڌاڙيلن پاران ڀنگ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي اغوا ڪيل نوجوان مٿان وحشاڻي تشدد جو نشانو بڻائي کيس ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، ٻن ڏانهن اندر ڀنگ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي، ڌاڙيل وٽ قيد بڻيل نوجوان پاران وارثن کي جلد ڀنگ جي 50 لک رقم ادا ڪري کيس بازياب ڪرائڻ جي اپيل، نوجوان جي بازيابي لاءِ نوجوان جي وارثن جو عورتن معصوم ٻارن ۽ مردن سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان ڌاڙيلن پاران اغوا ڪيل نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو خبر موجب ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ باگو ڀٽو مان هڪ مهينواڳ مبينه طور ڌاڙيلن پاران اغوا ڪيل نوجوان عبدالفتح ڀٽو جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن پاران 50 لک روپيا ڀنگ جي رقم طلب ڪئي هئي جنهن بعد مغوي نوجوان جي وارثن پاران ڀنگ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي ڌاڙيلن پاران مغوي نوجوان مٿان وحشاڻو تشدد ڪندي کيس تشدد واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي وائرل ڪيل ويڊيو ۾ ڌاڙيلن پاران مغوي نوجوان جي وارثن کي ڌمڪي ڏني وئي آهي ته جيڪڏهن ٻن ڏانهن اندر کيس ڀنگ جي رقم 50 لک ادا نه ڪئي وئي ته کيس نوجوان جو گوليون لڳل لاش اوهان ڏانهن موڪليو ويندو جڏهن ته ويڊيو ۾ مغوي نوجوان دانهون ڪندي وارثن کي اپيل ڪندي چيو ته ڌاڙيلن پاران طلب ڪيل ڀنگ جي رقم جلد کان جلد ڌاڙيلن حوالي ڪري کيس جند آجي ڪرائي وڃي هوڏانهن ڌاڙيلن پاران مغوي نوجوان عبدالفتح تي تشدد ڪرڻ جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ بعد مغوي نوجوان جي وارث مردن عورتن ۽ معصوم ٻارن سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي کيس بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مغوي جي وارثن پيءَ عبدالقيوم ڀٽو، خان محمد ڀٽو، باري بخش ڀٽو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جو نوجوان عبدالفتح ڀٽو جيڪو گذريل هڪ مهيني کان ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد بڻيل آهي جنهن جي بازيابي عيوض ڌاڙيل اسان کان 50 لک روپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن جيڪا غرب سبب اسان رقم ادا نه نٿا ڪري سگهون جنهن بعد ڌاڙيلن پاران کيس تشدد ڪندي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندي اسان کي ڌمڪي ڏني آهي جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر توهان ڀنگ جي رقم ادا نه ڪئي ته هو اسان جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيندا هنن چيو ته اسان نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڏهرڪي پوليس ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيسن جا چڪر پڻ ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر پوليس اسان جي نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪک ڀنڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي جنهن جي ڪري اسان جي نوجوان جي حياتي کي خطرو آهي انهن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائي کيس حياتي بچائي وڃي