اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ڌاٻيجي مان پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن مان هڪ نوجوان جي گرفتاري ظاهر

سنڌي خبرون 29th Sep 2025 283 مناظر
ڌاٻيجي مان پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن مان هڪ نوجوان جي گرفتاري ظاهر

اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ ڪراچي قربان خاصخيلي کي سٽي ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو

ٺٽو(ڊ ر)5 ڏينهن اڳ ڌاٻيجي مان پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن نوجوانن مان هڪ نوجوان قربان خاصخيلي کي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ ڪراچي جي پوليس سٽي ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو سندس ٻئي دوست رياض ناهيو کي ظاهر نه ڪيو ويو, وارثن پاران گهارو واسي نوجوان رياض ناهيو کي جاني نقصان رسائڻ جو خدشو ظاهر . تفصيلي خبر موجب گهارو واسي ايس ٽي پي اڳواڻ عمر ناهيو ۽ صحافي محمد علي ناهيو جو ڀاءُ رياض ناهيو پنهنجي دوست مڪلي واسي قربان خاصخيلي سان گڏ 5 ڏينهن اڳ ڌاٻيجي ڀرسان پراسرار نموني گم ٿي ويا هئا سندن موبائيل فون اسٽيل ٽائون ٿاڻي ڪراچي جي حد ۾ بند ٿي ويا هئا نوجوانن جي وارثن توڙي سياسي سماجي ڌرين پاران سڀاڻي کان سندن بازيابي لاء احتجاجي تحريڪ جي اعلان کانپوء اڄ اوچتو رياض ناهيو سان گڏ گم ٿي ويل مڪلي واسي نوجوان قربان خاصخيلي کي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ ڪراچي جي پوليس مبينا پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪري سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ پيش ڪري ڇڏيو جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت پوليس مقابلي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪيس ۾ پيش ڪيل نوجوان مڪلي واسي قربان خاصخيلي کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو ٻئي نوجوان رياض ناهيو جو ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو وارثن پاران کيس پوليس مقابلي ۾ نقصان رسائڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ