اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ چيئرمين اسيسمينٽ آف ويليوئيشن ڪميٽي جي صدارت هيٺ ويليوئيشن ٽيبلز جي نظرثاني بابت اهم اجلاس

سنڌي خبرون 24th Feb 2026 379 مناظر
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ چيئرمين اسيسمينٽ آف ويليوئيشن ڪميٽي جي صدارت هيٺ ويليوئيشن ٽيبلز جي نظرثاني بابت اهم اجلاس
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ چيئرمين اسيسمينٽ آف ويليوئيشن ڪميٽي جي صدارت هيٺ ضلعي جي شهري ۽ ديهي علائقن جي ملڪيتن جي ويليوئيشن ٽيبلز جي نظرثاني بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز، انسپيڪٽر آف اسٽامپس بورڊ آف روينيو سنڌ، ڊسٽرڪٽ رجسٽرار ٺٽو، ورڪس اينڊ سروسز، ايگريڪلچر ايڪسٽينشن، ايريگيشن، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، مختيارڪار سميت مختلف لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران سنڌ ويليوئيشن ٽيبل رولز 2022ع تحت شهري ۽ ديهي علائقن جي ملڪيتن جي موجوده قيمتن، مارڪيٽ جي رجحانن ۽ روينيو سان لاڳاپيل معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ تجويز ڪيل ترميمن تي غور ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ زور ڏنو ويو ته ويليوئيشن جو عمل شفاف ، منصفاڻو ۽ زميني حقيقتن مطابق هجڻ گهرجي، جيئن عوام کي سهولت ۽ سرڪاري آمدني ۾ بهتري يقيني بڻائي سگهجي۔ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حتمي سفارشون تيار ڪري منظوري لاءِ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين ڏانهن موڪليون وينديون۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ