جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز شاه زيب شيخ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس

سنڌي خبرون 02nd Aug 2023 149 مناظر

گذريل ڀيري ضلعي مان رٽائر يا بدلي ڪيل ملازمن جا نالا به موڪليا ويا ھئا: ڊي سي

نوشهروفيروز ( د ر) ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز شاه زيب شيخ جي صدارت هيٺ ڪميٽي روم ۾ ايندڙ عام چونڊن جي تيارين جي سلسلي ۾ پولنگ عملي جي لسٽن جي تياري جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شاه زيب شيخ ضلعي جي سمورن کاتن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته هو هڪ هفتي اندر پولنگ لاءِ اسٽاف جون لسٽون فراهم ڪن ۽ هر کاتي مان هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪري ضلعي اليڪشن ڪميشن سان رابطي ۾ رهي. هن وڌيڪ چيو ته مڪاني چونڊن ۾ پولنگ عملي جي لسٽ فراهم ڪرڻ وقت ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون ويون ۽ پراڻيون لسٽون ڪاپيون ڪيون ويون ۽ ضلعي مان رٽائر يا بدلي ڪيل ملازمن جا نالا به موڪليا ويا ھئا، تنهن ڪري نالن جي تصديق ڪري موڪليا وڃن اجلاس کي خطاب ڪندي ضلعي اليڪشن ڪمشنر نياز احمد چيو ته ايندڙ عام چونڊن لاءِ ضلعي نوشهروفيروز لاءِ 1494 پرزائيڊنگ آفيسر ۽ 6150 باقي اسٽاف گهربل هوندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ