اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ جي اڳواڻي ۾ پوليو آگاھي ريلي ڪڍي وئي

سنڌي خبرون 24th Oct 2023 291 مناظر

پوليو ھڪ موذي مرض آهي جنھن جي لڳڻ سان ٻار سڄي زندگي جي لاءِ معذور ٿي وڃي ٿو: ڊي سي شڪارپور

شڪارپور(رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ جي اڳواڻي ۾ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ سان گڏ پوليو جي عالمي ڏينهن کي ملھائڻ لاءِ ڊي ايڇ او آفيس مان ھڪ ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي عملي شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڊي ايڇ او ھيلٿ ڊاڪٽر سرتاج؛ ڊسٽرڪٽ پوليو انجارچ ڊاڪٽر امتياز حسين، ڊبليو ايڇ او جي اڳواڻ ڊاڪٽر حاتم علي؛ ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پڻ موجود هئا.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ صاحب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليو ھڪ موذي مرض آهي جنھن جي لڳڻ سان ٻار سڄي زندگي جي لاءِ معذور ٿي وڃي ٿو؛ 24 آڪٽوبر پوليو جو عالمي ڏينهن آهي سڄي دنيا ۾ پوليو جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي ساڳئي طرح پوليو جو عالمي ڏينهن شڪارپور ۾ به ملھايون ٿا؛ اسان جو سڄو ھيلٿ ڊپارٽمينٽ اسان سان گڏ آهي اسان جون ورڪر ادڙيون اھي به اسان سان گڏ آهن جيڪي در در وڃي پوليو کان بچاء جا ڦڙا پيارين ٿيون ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ صاحب ضلعي شڪارپور جي عوام کي اپيل ڪئي ته مھرباني ڪري اسان جي پوليو جي ٽيمن سان تعاون ڪري پنھنجي گلڙن جھڙن ٻارن کي پوليو کان بچاء جا قطرا پياري سڄي عمر جي مذوري کان بچايو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ