ڊپٽي ڪمشنر دادو فياض حسين راھوجو جو تعلقي اسپتال ڪي اين شاھھ جو دورو
ماڻهن کي صحت جون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ سرڪار جي ذميواري آهي: ڊپٽي ڪمشنر دادو
دادو (عبدلعزيز ٻٻر) غريب ۽ بهچ مريض کي صحت جون سهوليتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسرڇڏبي ۽ ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽاف کي انهن سان اخلاق ۽ پيارسان پيش اچڻ گهرجي اهڙواظهار ڊپٽي ڪمشنر دادو فياض حسين راهوجو تعلقه اسپتال ڪي اين شاهه جو اوچتو دوري ڪرڻ دوران ڪيوهن اسپتال جا مختلف شعبن جو معائنوڪيو ان موقعي ڊي سي دادو سان اسسٽنٽ ڪمشنرڪي اين شاه فهد حسين جاگيراڻي ، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر دادو ڊاڪٽر عبالحميد کونهارو، ا يڊ يشنل هيلٿ آفيسردادوڊاڪٽراحسان علي پنهور، ڊي سي پي اي شاهزمان ملڪاڻي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي آفيسرگڏ هئادوري دوران ڊپٽي ڪمشنر دادو چيو ته ماڻهن کي صحت جون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ سرڪار جي ذميواري آهي ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن هن تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته هو اسپتالن ۾ مريضن کي وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪن انتهائي مجبوري جي حالت ۾ مريض کي ريفر ڪيو وڃي هن چيو ته جان بچائڻ واريون ضروري دوائون ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ٻيو اسٽاڪ گهرايو وڃي ته جيئن ڏورانهن علائقن جي غريب ماڻهن کي صحت جون مفت سهولتون ملي سگهن هن اسپتال ۾ موجود مريضن کان صحت جي سهولتن بابت ڄاڻ ورتي ان کان علاوه هن هلندڙ پوليو مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ تعلقي ڪي اين شاه جي مختلف ڳوٺن ۾ ٽرانزٽ ۽ فڪس پوائنٽن جا پڻ دورا ڪيا هن پوايئنٽن تي موجود عملي کي هدايتون ڏيندي چيو ته هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا لازمي پياريا وڃن ته جيئن ڪوبه ٻار رهجي نه وڃي انهي کان بعد ۾ هن پاڻي پيئڻ واري واٽرسپلاء جو معائنوڪيو ۽ اوتي پبلڪ هيلٿ کاتي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٻوٽا لڳرائيا وڃن ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر دادوفياض حسين راهوجو ضلعي جي سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن ۽ سپروائيزرن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي عوام لاء پنهنجي آفيس جا دروازا هروقت کوليل رکو ۽ انهن جا جائزمسئلن ۽ شڪايتن کي اوليت جي بنياد حل ڪيا وڃن انهن سان ويجهورابطي ۾ رهو ۽ ڪنهن جي خلاف ڪابه شڪايت ايندي ته ان جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي