پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو پاران تيز برساتن کان پوءِ شھر جي مختلف علائقن جو هنگامي دورو

سنڌي خبرون 10th Sep 2025 276 مناظر
ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو پاران تيز برساتن کان پوءِ شھر جي مختلف علائقن جو هنگامي دورو

منور عباس سومرو شيخ فريد چوڪ، چانگ محلا، اسلام پور محلا، قاضي محلا ۽ آبپاشي محلا جو دورو ڪيو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)تيز برساتن کان پوءِ مختلف علائقن ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو شيخ فريد چوڪ، چانگ محلا، اسلام پور محلا، قاضي محلا ۽ آبپاشي محلا جو هنگامي دورو ڪري ڊسپوزل اسٽيشنن، نالن ۽ پاڻي جي نيڪال واري نظام جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته برساتي پاڻي جي فوري نيڪال لاءِ سمورا وسيلا ڪتب ۾ آندا وڃن ته جيئن شهرين کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن واضح حڪم جاري ڪيا ته نيڪال جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ فيلڊ ۾ عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته عوام کي گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيح آهي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ادا محمد ميمڻ ۽ ٻيا عملدارن پڻ ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ موجود هئا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ