جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊي جي پي آر سنڌ محمد سليم خان پاران اطلاعات کاتي جي مختلف ڊائريڪٽوريٽس جو دورو

سنڌي خبرون 20th Dec 2023 250 مناظر

ڊي جي پي آر سنڌ محمد سليم خان پاران اطلاعات کاتي جي مختلف ڊائريڪٽوريٽس جو دورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز (ڊي جي پي آر سنڌ) محمد سليم خان اڄ اطلاعات کاتي جي مختلف ڊائريڪٽوريٽ جو دورو ڪيو. ڊي جي پي آر سنڌ ان موقعي تي آفيسرن ۽ عملي کي هدايتون ڏنيون ته اهي پنهنجون سرڪاري ذميواريون وقت سر ۽ ذميواري سان سرانجام ڏين. هن چيو ته اطلاعات کاتي جو سڀ کان اهم ڪم اهو آهي ته هو عوام کي سنڌ حڪومت جي سمورن منصوبن بابت ميڊيا ذريعي آگاهي ڏئي ۽ ان مقصد لاءِ سمورن کاتن جا آفيسر پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري عوام کي آگاهي. ڊي جي پي آر سنڌ محمد سليم خان پنهنجي دوري دوران ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊمن اينڊ اڪائونٽس، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊورٽائزمنٽ، ڊائريڪٽوريٽ آف پريس انفارميشن، ڊائريڪٽوريٽ آف پبليڪيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف فلمز، ڊائريڪٽوريٽ آف آر اينڊ آر ۽ سيڪشن آفيسرن جي آفيسن جو دورو ڪيو. هن آفيسرن ۽ عملي کان آفيس جي معاملن بابت پڇا ڪئي ۽ موقعي تي ضروري هدايتون جاري ڪيون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ