ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر فل فراءِ ڪيس، حڪومت پاران جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جاچ شروع ڪري ڇڏي

سنڌي خبرون 23rd Sep 2024 311 مناظر
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر فل فراءِ ڪيس، حڪومت پاران جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جاچ شروع ڪري ڇڏي

ميرپورخاص گذريل ڏينهن انڪوائري ڪميٽي مبينا پوليس مقابلي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو

عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارڻ واري ڪيس لاء حڪومت پاران جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جاچ شروع ڪري ڇڏي انڪوائري ڪميٽي صوبائي گهرو وزير ضياء لنجار پاران جوڙي وئي انڪوائري ڪميٽي ۾ ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد پرويز چانڊيو,ڊي آئي جي حيدرآباد طارق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي بدين شيراز نظير جي اڳواڻي ۾ جوڙي وئي گذريل ڏينهن انڪوائري ڪميٽي مبينا پوليس مقابلي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو ۽ مقابلي ۾ شامل پوليس عملدارن جا بيان ريڪارڊ ڪيا انڪوائري ڪميٽي جي سفارش تي ايڊيشنل چارج سڀاليندڙ ايس ايس پي شبير سيٺار مبينا مقابلي ۾ شامل سي آئي اي انچارج عنايت علي زرداري, هدايت الله,نادر, پرويز, غلام قادر, ايس ايچ او سنڌري نياز کوسو, سپاهي لکمير, الله جڙيو, محمد صديق کي معطل ڪري ڇڏيو واقعي کانپوء حڪومت پاران ڊي آئي جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي اسد علي چوڌري کي اڳ ئي معطل ڪيو هو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ