پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

چانڊيا اتحاد پاڪستان پاران ڪراچي ڊويزن لاءِ نون عھديدارن جي چونڊ

سنڌي خبرون 23rd Nov 2023 44 مناظر

چانڊيا اتحاد پاڪستان پاران ڪراچي ڊويزن لاءِ نون عھديدارن جي چونڊ

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)چانڊيا اتحاد پاڪستان پاران ڪراچي ڊويزن جي نئين تنظيم سازي ڪري عھديدار چونڊيا ويا. صدر لاءِ غلام مصطفي چانڊيو ۽ جنرل سيڪريٽري لاء علي رضا چانڊيو کي چونڊيو ويو. تفصيل موجب ڪراچي جي گل ڳوٺ ۾ رئيس حاجي غلام حسين چانڊيو جي رھائش گاھ تي چانڊيا اتحاد پاڪستان جي مرڪزي چيئرمين خليل احمد چانڊيو. مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين رياض حسين چانڊيو جي صدارت ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ ڪراچي ڊويزن ۾ نئين ميمبر سازي ۽ باڊي جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس ۾ سينيئر اڳواڻ رئيس گلشن چانڊيو. صوبي سنڌ جو سينيئر نائب صدر رئيس منظور علي چانڊيو. جنرل سيڪريٽري سعيد احمد چانڊيو. رئيس غلام مصطفي چانڊيو. علي رضا چانڊيو. شفقت رضا چانڊيو. ڊاڪٽر قمر الدين چانڊيو. مرتضي چانڊيو. مير ضامن چانڊيو ۽ بين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪراچي ڊويزن لاء صدر غلام مصطفي چانڊيو. سينيئر نائب صدر لاء وقار احمد چانڊيو. جنرل سيڪريٽري لاء علي رضا چانڊيو کي چونڊيو ويو. جڏھن ته ڪراچي جي ٽن ضلعن اوڀر لاء صدر غلام مرتضي چانڊيو. سينيئر نائب لاء صدر حسن علي چانڊيو. جنرل سيڪريٽري لاء دلشاد چانڊيو. ضلع سائوٿ لاء صدر نعمان چانڊيو. ضلعي ڪورنگي لاءِ صدر لاء اشرف علي چانڊيو کي چونڊيو ويو. ان موقعي تي چانڊيا اتحاد پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻن مرڪزي چيئرمين خليل احمد چانڊيو. مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين رياض حسين چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان هر برادري سان گڏ آهيو رنگ قوم نسل نه بلڪي هر انسان ذات جي خدمت ڪرڻ اسان جي اولين فرضن ۾شامل آھي ۽ سڀني برادرين سان امن پيار ۽ ڀائيچاري سان هلڻ اسان جون اولين ڪم آھي، اسان سڀني کي پنهنجا جهيڙا جهٽا ڇڏي اڳتي وڌڻ کپي هڪٻئي سان ٻڌي ايڪي پيار محبت سان پيش اچن گهرجي. نوجوانن کي تعليم ڏياري جهيڙن کان پري ڪرڻ گهرجي، دنيا ۾ هاڻي چانڊيا برادري جي سڃاڻپ پڙهيل لکيل ۽ ڪاروباري طبقي سان ٿي رهي آهي، تنهن ڪري ضرورت آهي ته سرنديءَ وارا پنهنجي برادري جي غريب ۽ پٺتي پيل ماڻهن جي مدد ڪن. ڪراچي ۾ چانڊيا برادري جي ماڻهن لاء جلد ويلفيئر جو بنياد رکنداسين جنھن ۾ سرندي وارا پنھنجي پٺتي پيل برادري جي ماڻهن جي مالي مدد لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪندا. ھنن چيو ته اسين چانڊيا اتحاد پاڪستان جي پليٽ فارم تي پوري پاڪستان ۾ وڪيل برادري جو فورم جوڙينداسين. جيڪي ھر ضلعي ۾ برادري جي ماڻھن جي ھر ممڪن مدد ڪندا ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ چانڊيا اتحاد جي مرڪزي آفيس جوڙينداسين جنھن ۾ پوري ملڪ مان ڪراچي ايندڙ چانڊيا برادري جي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۽ انھن کي اتي ايمرجنسي رھائش ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ