ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

ڄامشورو ۾ ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، عورت ڌيءَ سوڌو فوت، مڙس زخمي

سنڌي خبرون 23rd Apr 2024 120 مناظر

ڄامشورو ۾ ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، عورت ڌيءَ سوڌو فوت، مڙس زخمي

ڄامشورو)رپورٽر) ڄامشورو ۾ ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، عورت ڌيءَ سوڌو فوت، مڙس زخمي، ڄامشورو شھر جي پل وٽ بابري مسجد سامھون ڄامشورو _حيدرآباد روڊ تي تيز رفتار پٿرن سان ڀريل ٽرڪ اڳيان ويندڙ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار حيدرآباد واسي عورت حبا قائمخاني ۽ سندس ڌيءَ عشا فاطما چيڀاٽجي فوت حادثي ۾ موٽر سائيڪل هلائيندڙ عدنان قائمخاني سخت زخمي ٿي پيو، فوتين جا لاش ۽ زخمي لمس اسپتال منتقل، پوليس ٽرڪ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي، ۽ ڊرائيور گرفتار ڪري ورتو،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ