ڄامشورو واسڻ ناري جو مڙس سميت تحفظ لاءِ احتجاج
مرضي سان اعجاز ملاح سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي: شهزادي ملاح
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڄامشورو واسڻ شھزادي ڌي محمدالرحيم ملاح پنھنجي مڙس اعجاز ولد غلام نبي ملاح سان گڏ عوامي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ ھن پنھنجي رضا خوشي سان اعجاز ملاح سان سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي،ھن تي ڪو بہ دٻاؤ نہ آھي نہ زور زبردستي آھي،بلڪہ ھن پنھنجي خوشي سان شادي ڪئي آھي،ھن چيو تہ ھنن کي سندس ڀائرن بھادر ۽ غفور ملاح مان جان جو خطرو آھي، ان ڪري ايس ايس پي ٺٽو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان تحفظ جي گھر ڪئي آھي.