ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

ڀارتي جيلن ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ 4 پاڪستاني مهاڻا آزاد

سنڌي خبرون 26th Jul 2023 277 مناظر

آزادي ماڻيندڙن ۾ احمد ٿهيم؛ حمزه ٿهيم؛ راهب چنداڻي؛ لونگ چنداڻي به شامل

سجاول (گلشيرميربحر) ڀارتي جيلن ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ 4 پاڪستاني ماهيگيرن کي آزاد ڪيو ويو آهي، آزادي حاصل ڪندڙ ماهيگيرن جو تعلق سجاول ضلعي جي ساحلي تعلقي جاتي سان آهي، 6 سالن کان پوءِ گهر پهچندڙ ماهيگيرن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا. آزادي ماڻيندڙن ۾ احمد ٿهيم؛ حمزه ٿهيم؛ راهب چنداڻي؛ لونگ چنداڻي به شامل آهي، ٻئي طرف پاڪستان فشر فوڪ اڳواڻ نور محمد ٿهيم جو چوڻ آهي ته سجاول ضلعي جا وڌيڪ 37 ماهيگير ڀارتي جيلن ۾ اڃان به قيد آهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ