ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

پ پ ملير جي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري آغا طارق پٺاڻ عورتن جي ڀلائي واري صوبائي وزير شاهينه شير علي سان ملاقات

سنڌي خبرون 24th Jul 2025 266 مناظر
پ پ ملير جي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري آغا طارق پٺاڻ عورتن جي ڀلائي واري صوبائي وزير شاهينه شير علي سان ملاقات
ملير (ڊ ر) پيپلزپارٽي ملير جي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري آغا طارق پٺاڻ عورتن جي ڀلائي واري صوبائي وزير شاهينه شير علي سان ملاقات ڪري کيس عورت ونگ جي جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني، ان موقعي تي صوبائي وزير شاهينه شير علي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ عورتن جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون سنڌ جي عورتن سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين خلاف جنگ جوٽي آهي ڪيترن ئي مظلوم عورتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ پنهنجي وزارت ۾ اهم فيصلا ڪيا آهن سنڌ جي هر ضلعي ۾ شيلٽر هومز قائم ڪري عورتن جو تحفظ ڪيو پيو وڃي اسان جي ڪوشش آهي ته ڪنهن سان به زيادتي ۽ ظلم نه ٿئي جيڪڏهن اهڙي قسم جو عمل ٿئي ٿو ته اسان قانوني ۽ جائز طريقي سان عورتن جو تحفظ يقيني بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون پيا، هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت جي آئون ٿورائتي آهيان جن مون کي عورت ونگ لاءِ جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي پنهنجي عهدي تي فائز ٿيڻ کانپوءِ پارٽي کي وڌيڪ منظم ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديس ۽ پيپلزپارٽي عورت ونگ ۾ عورتن جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۾ هر ممڪن ڪوششون ڪنديس، ان موقعي تي خدا بخش پٺاڻ، اڪبر جوکيو، اسد ميمڻ، احد بلالي پڻ موجود هئا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ