ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

پي آئي اي کي تباھ ڪرڻ ۾ حڪومت جو وڏو ھٿ آھي: رمضان لغاري

سنڌي خبرون 30th Oct 2023 50 مناظر

موجود حڪومت ۾ شامل ھڪ وزير فواد حسن فواد ن ليگ جي پاليسين تي عملدرآمد ڪري رھيو آھي

اسلام آباد (م ڊ) پي آئي اي کي تباھ ڪرڻ ۾ حڪومت جو وڏو ھٿ آھي پيپلز يونٽي اسلام آباد ائير پورٽ جي صدر رمضان لغاري ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو آھي تہ موجود حڪومت ۾ شام ھڪ وزير فواد حسن فواد ن ليگ جي پاليسين تي عملدرآمد ڪري رھيو اھي، پي آئي اي جون روز فلائيٽ ڪينسل ڪرائڻ ۾ وڏو ھٿ فواد حسن فواد جو آھي جئين حڪومت پي آئي کي نجڪاري ڪرڻ م آساني پيدا ٿئي رمضان لغاري جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ فواد حسن فواد آفيسرن کان پي ايس او کي فونز ڪرائي چيو ويندو آھي تہ پي آئي اي سان تعاون نه ڪيو وڃي، ھن جو چوڻ ھو تہ پي آئي اي جي نجڪاري ڪرڻ ۾ بدديانتي نظر اچي رھي اھي،ڪنھن به صورت پي آئي اي جي چھري تي داغ ھڻڻ ڪونه ڏينداسين پي آئي اي جي نجڪاري کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويندو ملازمن جي مستقبل ڇا ھوندو حڪومت طرفان ڪجھ واضح ڪونه ڪيو پيو وڃي پي آئي اي جي روزانه ھڪ عرب کا وڌيڪ آمدن ھوندي ھئي حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري ھاڻ صرف 30 ڪروڙ جي آمدني ٿي رھي آھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ