ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

پيٽرول جون قيمتون گھٽ ٿيڻ باوجود گاڏين جا ڪرايا گھٽ ناھن ٿيا: اياز لطيف پليجو

سنڌي خبرون 16th Oct 2023 51 مناظر

فوري طور تي مسافر ۽ گڊس ٽرانسپورٽ جا ڪرايا گھٽايا وڃن. حڪومت ان تي سختي سان عمل ڪرائي

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پيٽرول جون قيمتون گھٽ ٿيڻ باوجود گاڏين جا ڪرايا گھٽ ناھن ٿيا. فوري طور تي مسافر ۽ گڊس ٽرانسپورٽ جا ڪرايا گھٽايا وڃن. حڪومت ان تي سختي سان عمل ڪرائي. جڏھن بہ پيٽروليم جون قيمتون وڌيون آھن تہ گاڏين جي ڪراين ۾ ھڪدم واڌ ڪئي وڃي ٿو، جنھن ڪري مارڪيٽ ۾ ھر شئي مھانگي ٿي وڃي ٿي. کاڌ خوراڪ، ڪپڙي سميت مارڪيٽ ۾ مھانگائي جو طوفان اچي وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيٽروليم قيمتن ۾ گھٽتائي جو فائدو بہ عوام کي ٿيڻ گھرجي. ان لاء ٽرانسپورٽرن کي رضاڪارانہ ڪرايا گھٽ ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گھرجي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيٽرول، ڊالر، ڊيزل ڪرن پيا. اوھان شھري،ضلعي ڪميٽيز ٺاھي، ڊي سي، اي سي، مختيار ڪار انتظاميہ، دڪاندارن، پوليس،ٽرانسپورٽرز سان ملي اگھ گھٽ ڪرايو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي تباهي ۽ بربادي جي ذميوار پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا آهي، ھنن ڪرپٽ حڪمرانن سندن حڪومتي دور ۾ وحشي نظام سرداري، ڌاڙيل راڄ، خونن، ڌاڙن،اغوائن، ٻوڙائڻ، پنائڻ ۽ خودڪشين کان سواء ٻيو ڇا ڏنو، ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي پنهنجي تاريخي وطن سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ۾ ڀاڱي ڀائيوار رھيا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ