اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

پريس ڪلب نوشهروفيروز جي جنرل باڊي جو اجلاس ٿي گذريو، صدر ۽ ٻين عهديدارن تي عدم اعتماد جو اظهار

سنڌي خبرون 21st Jan 2025 101 مناظر
پريس ڪلب نوشهروفيروز جي جنرل باڊي جو اجلاس ٿي گذريو، صدر ۽ ٻين عهديدارن تي عدم اعتماد جو اظهار

اجلاس ۾ پريس ڪلب جي آئين جي ڀڄڪڙي ڪرڻ تي ٻن ميمبرن ڪشن راجا ۽ علي محمد چنه جي ميمبرشپ رد

نوشهروفيروز(ڊر )پريس ڪلب نوشهروفيروز جي جنرل باڊي جو اجلاس سينئر نائب صدر محبوب ڪلهوڙو جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ سال 2024ع جي صدر سميت ٻين عهديدارن تي عدم اعتماد جي تحريڪ تي فيصلو ڪندي کين هٽائڻ بعد نئين اليڪشن ڪاميٽي جوڙي وئي.اليڪشن ڪاميٽي جو چيئرمين ممتاز سولنگي کي چونڊيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چونڊون 26 جنوري تي ٿينديون.اجلاس ۾ پريس ڪلب جي آئين جي ڀڄڪڙي ڪرڻ تي ٻن ميمبرن ڪشن راجا ۽ علي محمد چنه جي ميمبرشپ رد ڪئي وئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ