اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سامونڊي پٽيءَ جي نوجوانن کي تربيت جي حوالي سان گڏجاڻي

سنڌي خبرون 09th Jul 2025 250 مناظر
پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سامونڊي پٽيءَ جي نوجوانن کي تربيت جي حوالي سان گڏجاڻي

ابراھيم حيدري ۾ مرڪزي آفيس ۾ گڏجاڻي ٿي، مرڪزي سينيئر وائيس چيئرپرسن فاطمه مجيد ۽ ٻيا شريڪ

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان فشر فوڪ فورم سامونڊي پٽيءَ جي نوجوانن کي تربيت، ٿيٽر، ڪميونٽي موبلائزيشن وڌائڻ بابت اھم قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن. ابراھيم حيدري ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي آفيس ۾ گڏجاڻي ٿي، جنھن ۾ مرڪزي سينيئر وائيس چيئرپرسن فاطمه مجيد، جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ، انفارميشن سيڪريٽري ايوب شان، ڪراچي ڊويزن جي صدر مجيد موٽاڻي، جنرل سيڪريٽري طالب ڪڇي، بابو مشتاق، ڪوثر صادق، سلطان محمود گبول، الياس ڪڏاڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.گڏجاڻي ۾ ماھيگيرن جي بنيادي مسئلن، نوجوانن جي تربيت ۽ ڪميونٽي موبلائزيشن جا پروگرام جلد شروع ڪرڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.فاطمھ مجيد ۽ ٻين چيو تھ ابراھيم حيدري سميت سامونڊي جي ماھيگير کي جديد بڻائڻ اسان سڀني جي ذميواري آھي، پاڪستان فشر فورڪ فورم نوجوانن جي تربيت ۽ ذھن سازي تي يقين رکي ٿي، جلد اھم ورڪشاپ شروع ڪيا ويندا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ