اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

پاڪستان جي قومي هيرو: اي ڪي يو جي ڊاڪٽر ذوالفقار ڀٽه کي عالمي اعزاز

سنڌي خبرون 20th Dec 2024 91 مناظر
پاڪستان جي قومي هيرو: اي ڪي يو جي ڊاڪٽر ذوالفقار ڀٽه کي عالمي اعزاز
ڪراچی– پاڪستان ۽ عالمي صحت جي شعبي لاءِ فخر جو لمحو، ڊاڪٽر ذوالفقار احمد ڀٽه، جيڪو ماءُ ۽ ٻارن جي صحت جو عالمي اڳواڻ آهي، کي ڪينيڊا جي سڀ کان اعليٰ شهري اعزازن مان هڪ، آفيسر آف دي آرڊر آف ڪينيڊا طور نامزد ڪيو ويو آهي. اهو اعزاز ڊاڪٽر ڀٽه جي عالمي صحت، خاص طور تي ڏکڻ ايشيا، آفريقه ۽ ٻين محروم ڪميونٽيز ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر ڀٽه جي انقلابي تحقيق سڄي دنيا ۾ عوامي صحت جي پاليسين کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ بي شمار زندگيون بهتر بڻايون. پاڪستان جي ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام سميت ان جي ڪميونٽي هيلٿ سسٽم تي ڪم کي عالمي معيار جو سمجهيو ويندو آهي، جيڪو فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز کي بااختيار بڻائڻ جو ماڊل آهي. ان اعزاز تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ڀٽه چيو ته ”مان ان اعزاز تي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان ۽ سڀني شاگردن ۽ ساٿين جا ٿورا مڃان ٿو، جن ڪيترن ئي سالن تائين پاڪستان ۽ ٻين گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي چيلينجن تي مون سان گڏ ڪم ڪيو.“ ڊاڪٽر ڀٽه آغا خان يونيورسٽي (اي ڪي يو) ۾ انسٽيٽيوٽ فار گلوبل هيلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ جي باني ڊائريڪٽر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي ۽ هن 2012 کان 2024 جي وچ ۾ ويمن اينڊ چائلڊ هيلٿ جي سينٽر آف ايڪسيلينس جو بنياد به رکيو. هو ٽورنٽو ۾ سيڪ ڪڊز سينٽر فار گلوبل چائلڊ هيلٿ جو ڪو – ڊائريڪٽر به آهي. 1400 کان وڌيڪ علمي اشاعتون ۽ هائيلي سائٽڊ ريسرچر طور سڃاڻ سبب ان جو اثر تحقيق، پاليسي ۽ عملي قدمن تائين پکڙيل آهي. آغا خان يونيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين، ڊاڪٽر ڀٽه جي لڳاءَ کي ساراهيندي چيو ته ”ڊاڪٽر ڀٽه جون ڪاميابيون اسان کي جدت جي جستجو ۽ عالمي صحت تي واضح اثر وجهڻ جي هٿي ڏين ٿيون. سندس ڪم اي ڪي يو جي ان عزم کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو دنيا جي سڀ کان اهم صحت ۽ ترقياتي مسئلن لاءِ شاهدين تي ٻڌل تحقيق کي هٿي ڏئي ٿو.“ ڊاڪٽر ذوالفقار ڀٽه کي خراج تحسين پيش ڪندي اسان نه رڳو هڪ فرد جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيون ٿا پر ان واعدي جو به اعتراف ڪيون ٿا، جيڪو لڳاءَ، مهارت ۽ شفقت سان حاصل ٿي سگهي ٿو. پاڪستان لاءِ هو هڪ سچو قومي هيرو آهي، جنهن جو ڪم ايندڙ نسلن لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ