جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

ٽنڊو باگو جي واپاري جو پٽ پي اي ايف مان ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ايئر فورس ۾ پائليٽ آفيسر بڻجي ويو

سنڌي خبرون 23rd Nov 2023 384 مناظر

ٽنڊو باگو جي واپاري جو پٽ پي اي ايف مان ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ايئر فورس ۾ پائليٽ آفيسر بڻجي ويو

ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو شھر جي وارڊ 4 ڪنڀار پاڙي جو رھواسي واپاري جو پٽ ديو آنند لوھاڻو ھندو ڪميونٽي جو پھريون پي اي ايف اصغر خان اڪيڊمي رسالپور مان ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ايئر فورس ۾ پائليٽ آفيسر بڻجي ويو. ٽنڊوباگو: پائليٽ آفيسر ديو آنند لوھاڻو جو وڏو ڀاء انيل ڪمار گزريل سال پاڪ فوج جي ميڊيڪل ڪور ۾ پھريون ھندو ڪميونٽي جو ليفٽيننٽ ڪرنل ٿيو ھو، اھڙي طرح سنڌ جي پٺ تي پيل لاڙ جي شھر ٽنڊي باگي جي رھواسي ھندو واپاري تلسيداس لوھاڻو جي ٻنھي پٽن پاڪ فوج ۾ آفيسر بڻجڻ سان گڏ سندن ھندو ڪميونٽي ۾ رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ