اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ٽنڊو الهيار ويجهو خوفناڪ حادثو، مدرسي مان عيد ڪرڻ لاءِ گهر ويندڙ 4 نينگرن سميت 5 ڄڻا فوت

سنڌي خبرون 17th Apr 2023 315 مناظر

موٽرسائيڪل سوار خدا بخش خاصخيلي ٻن پٽن ۽ ٻن ڀائٽين سميت فوت

ٽنڊوالهيار : سبزي منڊي وٽ تيز رفتار ڪوچ موٽر سائيڪل مٿان چڙھي وئي جنھن جي نتيجي ۾ جهنڊومري جي ڳوٺ صالح خاصخيلي جا رهواسي مدرسي جا طالب علم پنج ٻارڙا موقعي تي فوت ٿي ويا فوتين ۾ 45 سالا خدا بخش خاصخيلي . 12 سالا سڪندر ولد خدا بخش خاصخيلي . 10 سالا عبدالرحيم ولد خدا بخش خاصخيلي . 10 سالا لال محمد ولد نظام الدين ۽ 13 سالا عبدالڪريم ولد حبيب الله خاصخيلي شامل آهن فوتين کي علائقي واسين ۽ پوليس سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو پوليس موجب نوجوان ٽنڊوالهيار شهر جي خانزاده ڪالوني ۾ علي مرتضي مدرسي جا طالب علم هئا جيڪي عيد جي موڪل ڪري پنهنجي ڳوٺ صالح خاصخيلي وڃي رهيا هئا جن سان هي حادثو پيش آيو آهي لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويندا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ