ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

ٽنڊوآدم ۾ 14 آگسٽ تي جشن آزادي جي سلسلي ۾ تياريون عروج تي پھتل

سنڌي خبرون 11th Aug 2024 297 مناظر
ٽنڊوآدم ۾ 14 آگسٽ تي جشن آزادي جي سلسلي ۾ تياريون عروج تي پھتل

ٽنڊوآدم ۾ 14 آگسٽ تي جشن آزادي جي سلسلي ۾ تياريون عروج تي پھتل

ٽنڊوآدم (حسنين عاشق ساند) ٽنڊوآدم ۾ 14 آگسٽ تي جشن آزادي جي سلسلي ۾ تياريون عروج تي پهچي ويون، هر علائقي کي رنگ برنگي جهنڊين سان سينگارڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، هر هنڌ قومي جهنڊو ڦڙڪندي نظر اچي رهيو آهي، جهنڊن جي دڪانن تي خريدارن جي رش وڌي وئي آهي جڏهن ته ٻار جهنڊين ۽ ٻين شين جي خريداري پرجوش نموني سان ڪري رهيا آهن، 14 آگسٽ کي ملهائڻ لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن سميت مختلف تنظيمن پاران خاص پروگرام تربيت ڏنا ويا آهن، جشن آزادي جي شروعات ملڪي استحڪام ۽ سلامتي جي دعائن سان ڪئي ويندي، جڏهن ته تعليمي ادارن، بينڪن، آفيسن سرڪاري توڙي خانگي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويندا. ٽنڊوآدم ۾ مرڪزي تقريب ميونسپل ڪاميٽي ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ سان ٿيندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ