ٺٽي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران عوامي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي ريلي
ٺٽي ضلعي اندر ھوا وسيلي بجلي پيدا ڪندڙ 50 کان وڌيڪ ونڊ مل موجود آھن: اڳواڻ
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ٺٽي ضلعي جي اھم مسئلن پاڻي، بجلي بحران ۽ وسيلن روزگار تي ڌاڙن خلاف قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان اعلانيل تحريڪ جي سلسلي ۾ اڄ 3 ھين ڏينھن تي ٺٽي ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر مڪلي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شديد نعريبازي پڻ ڪئي ويئي قومي عوامي تحريڪ ضلعي صدر شبير ڀٽي، ياسر جاکرو، بشير اللہ صاحب سمون، شفيع محمد پليجو، دانش خاصخيلي، وڪيو ميربحر جي اڳواڻي ۾ پبلڪ پارڪ مڪلي کان نڪتل ريلي ٺٽو ڪراچي قومي شاھراھ جو گشت ڪندي ڊي سي ٺٽو آفيس چوڪ کان ٿيندي مڪلي پريس ڪلب بعد ۾ نيشنل پريس ڪلب تائين پھتي، جتي سنڌ ڪلچرل فورم جي چئيرمين صادق لاکو، لاڙ عوامي فورم جي حيدر شورو، سماجي اڳواڻن عزيز سرواڻ، گلاب خان لنڊ، غلام دين ڀنڊ، حميد خاصخيلي، عمر خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو آھي تہ ٺٽي ضلعي اندر ھوا وسيلي بجلي پيدا ڪندڙ 50 کان وڌيڪ ونڊ مل موجود آھن جيڪي روزانو 2 ھزار ميگا واٽ بجلي تيار ڪري نيشنل گريڊ اسٽيشن تي وڪرو ڪري رھيا آھن پر ساڳئي ئي ضلعي ۾ بجلي جو بحران آھي روزانو 12 کان 14 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جو آزار آھي. جنھن ڪري عام ۽ ڪاروباري زندگي سخت متاثر آھي، ھنن چيو تہ ڪينجھر ڍنڍ مان ڪي اي ڊي واھ وسيلي روزانو 12 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڪراچي کي فراھم ڪيو ٿو وڃي پر ڪي ڊي اي واھ ڀرسان 4 کان 6 ڪلو ميٽرن تي موجود اھم شھرن ٺٽو ۽ مڪلي سميت آس پاس جي انساني آبادين ۾ پاڻي جو سنگين بحران برقرار آھي لکين انسان پئيڻ جي پاڻي لاء پريشان آھن. ھنن چيو آھي تہ 50 کان وڌيڪ ونڊمل طرفان ساليانو سي ايس آر فنڊ جاري ڪيو وڃي ٿو تنھن ھوندي بہ وسيلا مھيا ڪندڙ ڪوھستاني پٽي جا شھر جنگشاھي، جھمپير، اونگر، براد آباد، مالماڙي، ساڏورو، ۽ ٻيا علائقا جديد اسپتال، اسڪول، ڪاليج، پاڻي، بجلي، روزگار، روڊن، رستن ۽ ٻين انيڪ بنيادي ضرورتن کان محروم آھن. ھنن چيو آھي تہ قومي عوامي تحريڪ طرفان عوامي ۽ اجتمائي مسئلن خاطر 5 مئي کان شروع ڪيل احتجاجن جو سلسلو 10 مئي تائين جاري رکيو ويندو، شھرين کي بنيادي ۽ آئيني سھولتون نہ مليون تہ 12 مئي کان 18 مئي تائين ٺٽي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر مڪلي ۾ مطالبن جي مڃتا لاء علامتي بک ھڙتال ڪئي ويندي،