جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

ٺٽي ۾ عدالتي حڪم تي هڪ ڄڻو آزاد، ايس ايڇ او گهوڙا ٻاري ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

سنڌي خبرون 24th Sep 2025 153 مناظر
ٺٽي ۾ عدالتي حڪم تي هڪ ڄڻو آزاد، ايس ايڇ او گهوڙا ٻاري ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)انچارج سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو ٻن ڄڻن کي ناحق باندي بنائڻ تي گهوڙاٻاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت ٽن اهلڪارن خلاف ڦرلٽ ۽ ناحق بند رکڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو عدالتي ڇاپي ۾ هڪ ڄڻو بازياب انچارج سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو جي عدالت ۾ درخواستگذار شبير احمد خشڪ پنهنجي وڪيل منصور ترڪ معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي ته 22 سيپٽمبر تي گهوڙاٻاري پوليس پيرپٺو اسٽاپ تان سندس ڀاءُ نور حسن خشڪ ۽ سندس ڀائيٽي منور خشڪ کي کنڀي ناحق بند ۾ رکيو آھي مٿس ڪوبه ڪيس نه آھي عدالتي حڪم تي فرسٽ سول جج ٺٽو ڇاپو هڻي پوليس حراست مان ناحق باندي بڻايل نور حسن خشڪ کي بازياب ڪرائي ورتو جنھن انچارج سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو اسلام الحق آرائين جي عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو ته گهوڙاٻاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او حميد رودناڻي ۽ اي ايس آئي فرمان ڀٽو سميت ٽن اهلڪارن کين کنڀي ناحق لاڪپ ڪيو ۽ کانئن 50 هزار روپيه پڻ ڦر ڪري ورتا انچارج سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو جي عدالت ايڊووڪيٽ منصور ترڪ جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او سميت ٽنهي اهلڪارن خلاف ٻن ڄڻن کي ناحق باندي بڻائي کانئن ڦرلٽ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ايس ايڇ او تي30 هزار روپيه ڏنڊ پڻ عائد ڪئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ