پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

ٺٽي جي نئين ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

سنڌي خبرون 08th Sep 2023 276 مناظر

اسد علي خان چارج سنڀالڻ بعد ڊي سي آفيس ۾ عملدارن ۽ ملازمن سان ملاقات ڪئي

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي ضلعي ۾ نئين مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي باقاعده پنھنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ، هُن ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي عملدارن ۽ ملازمن سان ملاقات ڪندي چيو ته عوام جي مسئلن جي فوري حل لاءِ ھر ممڪن ڪوششون ورتيون وينديون ، هن چيو ته سمورا عملدار ۽ ملازم بنا ڪنهن فرق جي عوام سان پيار، محبت ۽ شفقت سان پيش اچن ۽ پنهنجا فرض ايمانداري، سچائي ۽ نيڪ نيتي سان سرانجام ڏين ته جيئن هتي جي عوام کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ۽ پريشانين کي منهن نه ڏيڻو پوي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سنڌ حڪومت پاران عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيل فيصلن تي سو سيڪڙو عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو ۽ ضلعي جي تعمير ۽ ترقيءَ سميت عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي، ھن چيو ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ سندس آفيس جا دروازا هر وقت کليل آهن. ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان چيو ته ھو جلد ضلع جو دورو ڪري انتظامي معامرن جو جائزو پڻ وٺندو ۽ جنهن به اداري جي خراب ڪارڪردگي نظر آئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي –
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ