پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

ٺٽي جي مختلف وارڊن پيور بلاڪ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، ٺيڪيدار غائب

سنڌي خبرون 09th Aug 2023 47 مناظر

پيور بلاڪ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ڪري رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا

ٺٽو(شفيق ڀٽي) ٺٽي شھر جي مختلف وارڊن جي مختلف محلن ۾ سنڌ حڪومت پاران ڪرايل پيور بلاڪ جو ھلندڙ ڪم مڪمل نہ ٿي سگھيو ٺيڪيدارن ۽ حڪومتي نمائندن جي بي ڌياني سبب اڌ ۾ ڇڏيل ڪم جي ڪري شھر جي گھٽين ۽ روڊن تان ايندڙ ويندڙ ماڻھو سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا گٽرن مٿان رکيل ڍڪ بہ غائب ٿي ويا آھن جڏھن تـ اسڪول ويندڙ ٻارن لاءِ ھي کليل گٽر انتھائي خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا جڏھن تـ سموري شھر ۾ پيور بلاڪ جو ناقص ڪم ۽ ناقص مٽيريل استعال ٿيڻ ڪري روڊ ماڻھن کي وڌيڪ مشڪلاتون ۽ پريشانيون پيش اچي رھيون آھن ٺٽي جي رھائشين پيور بلاڪ ورڪس جي ٿيل ناقص ڪم جي تي ٿيل ڳڻتي ڪو اظھار ڪيو آھي ٻئي پاسي ٺٽي جي رھواسين ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ کان مطالبو ڪندي چيو آھي تہ شھر ۾ کليل گٽرن تي ڊڪ رکيا وڃن ۽ گلين ۾ اڌ ۾ ڇڏيل پيور بلاڪ جو ڪم کي جلد مڪمل ڪرايو وڃي تہ جئين اسان جا ننڍڙا معصوم ٻار آساني سان اسڪول وڃي سگھن ۽ ٺٽي جس شھرين کي مشڪلات کان بچايو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ