اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ٺٽو: ڪيٽي بندر ٿاڻي جي حد ۾ جهيڙي دوران نوجوان زخمي

سنڌي خبرون 10th Nov 2025 339 مناظر
ٺٽو: ڪيٽي بندر ٿاڻي جي حد ۾ جهيڙي دوران نوجوان زخمي
ٺٽو:(رپورٽ شفيق ڀٽي)ڪيٽي بندر ٿاڻي جي حد جت برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي تڪرار هڪ ڌر جو ٻئي ڌر جي نوجوان مٿان ٻگهاڻ روڊ تي مور ڇڏائي ۾ حملو نوجوان شديد زخمي خبر موجب ڪيٽي بندر ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ حاجي گل محمد جت جي رهائشي نوجوان شوڪت ولد محمد موسي جت مٿان سندس ڀرپاسي واري ڳوٺ حاجي نور محمد جت جي رهائشي جوابدارن سڪندر جت نظر محمد جت ٻين قاتلاڻو حملو ڪري نوجوان شوڪت ولد محمد موسي جت کي شديد ڌڪ هڻي زخمي ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ، ڪيس داخل ٿيڻ باجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي جنهن سبب ٻنهي ڌرين ۾ وڌيڪ جهيڙي جو انديشو زخمي نوجوان جي وارثن موجب ايس ايڇ او ڪيٽي بندر هن وقت تائين جوابدار گرفتار نه ڪري سگهيو آهي جنهن ڪري حملا اور ٻهير کين ڌمڪائي رهيا آهن زخمي نوجوان شوڪت جت جي ڀا۽ غلام حسين جت توڙي ٻين ڳوٺاڻن ايس ايس پي ٺٽو کان فوري تحرڪ وٺي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ