ٺٽو: تاريخي درگاه عبدالله شاه اصحابي جي ڪم ۾ ناقص جي استعمال جو نوٽيس
ڊي سي ٺٽو غلام فاروق سومرو نوٽيس وٺي اي سي انيس احمد عباسي کي جائزو جو حڪم ڏئي ڇڏيو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي جي تاريخي درگاه عبدالله شاه اصحابي تي هلندڙ تعميراتي ڪم ۾ ناقص مٽيرل جو سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ تي عوامي پريس ڪلب ٺٽو پاران نشاندهي جو ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غلام فاروق سومرو نوٽيس ورتو اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو انيس احمد عباسي کي خصوصي ٺٽي جي تاريخي درگاه تي ڪم جي جائزي وٺڻ جا احڪامات جاري ڪيا اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو انيس احمد عباسي ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار ٺٽو عبدالعزيز ميمڻ سان گڏ ٺٽي جي تاريخي درگاه عبدالله شاه اصحابي پهچي درگاه تي هلندڙ تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو ان دوران ايجنئير ٺيڪدار اقبال سيال کان ڪم بابت تفصيل معلوم ڪيا تعميراتي ڪم جي جائزي دوران درگاه تي هلندڙ ڪم ۾ ناقص مٽيرل ناڪاره مٽي واري ريتي گهٽ ريٽ جي سيمنٽ استعمال ڪرڻ بنيادي ڪم اڌوري نموني غير زميواري سان تعميراتي ڪم تي اطمينان ظاهر ڪيو جنهن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو فوري ڪم روڪرائي ورتو اسسٽنٽ ڪمشنر انيس احمد عباسي چيو ته ٺٽي جي تاريخي درگاه جي ڪم ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداش نه ڪئي ويندي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ڪم جي ٺيڪدار شفيع محمد دائوداڻي ۽ ايجنئير ٺيڪدار اقبال سيال کي سڀاڻي سموري ريڪارڊ سان پنهنجي آفيس طلب ڪري ورتو ٻئي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران اوقاف مينجر کان به درگاه تي صفائي نه هئڻ درگاه اندر تعميراتي ڪم دوران پيل ملبي کي فوري هٽائڻ جي هدايت ڪئي جڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو درگاه تي حاضري ڏني دعا پڻ گهر وئي