جمعہ، 18 ستمبر 2026
بریکنگ

ٺٽو: بوائز هاءِ اسڪول مخدوم ابوالحسن ٺٽوي مڪلي ۾ پروگرام منعقد

سنڌي خبرون 18th Nov 2025 315 مناظر
ٺٽو: بوائز هاءِ اسڪول مخدوم ابوالحسن ٺٽوي مڪلي ۾ پروگرام منعقد

ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ٿيل پروگرام ۾ تقريري مقابلا ڪرايا ويا

ٺٽو(شفيق ڀٽي)گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مخدوم ابوالحسن ٺٽوي مڪلي جي ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريري مقابلن ۾ نمايان پوزيشنون حاصل ڪيون. انهن مقابلن ۾ هاءِ اسڪول مڪلي جي نائين درجي جي شاگرد عنيد چانڊيو پنهنجي پراعتماد ۽ بهترين انداز سان اردو تقريري مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. جڏهن ته ساڳئي اسڪول جي اٺين درجي جي شاگرد سرويچ مارو خشڪ پنهنجي پرجوش انداز ۽ بهترين لفظن جي چونڊ سان سنڌي تقريري مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. هن ڪاميابي جو ڪريڊٽ اسڪول جي هيڊ ماستر جناب غلام نبي خشڪ کي وڃي ٿو، جن جي رهنمائي هميشه شاگردن کي متاثر ڪيو آهي. امير عثمان ميمڻ، علي اصغر بروهي کي هن بامعني تقريب جي انعقاد ۾ انهن جي مسلسل تعاون، حوصلا افزائي ۽ ڪوششن لاءِ خاص طور تي ساراهيو ويو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ