منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

وڳڻ: ڳوٺ ورياڻي ۾ مڇي جي تلاءَ جي مالڪي تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، هڪ ڄڻو زخمي

سنڌي خبرون 24th Apr 2024 145 مناظر

وڳڻ: ڳوٺ ورياڻي ۾ مڇي جي تلاءَ جي مالڪي تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، هڪ ڄڻو زخمي

وڳڻ ويجھو گذريل رات ڳوٺ ورياڻي ۾ مڇي جي تلاءّ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب قتل ٿيل ڳوٺاڻي مختيار ميربحر جو لاش وڳڻ پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءّ وڳڻ اسپتال کڻائي آئي جتي ضروري ڪاروائي ڪئي پئي وڃي جڏھن ته زخمي سراج تنيو کي ٽراما سينٽر لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آھي ھوڏانھن جھيڙيندڙ ڌرين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءّ ڄاڻايل ڳوٺ ۾ پوليس نفري گھرائي اھلڪار مقرر ڪيا ويا آھن جڏھن ته واقعي جو اڃا تائين ڪو به ڪيس درج نٿي سگھيو آھي ٻئي طرف جھيڙي بعد الزام ھيٺ آيل ڪوري ڌر جا ماڻھو پنھنجا گھر خالي ڪري ويا آھن .
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ