اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

وڏي وزير جي خاص معاون رياض حسين شاھ شيرازي پاران ڊگري ڪاليج مڪلي جو دورو

سنڌي خبرون 24th May 2023 223 مناظر

وڏي وزير کان فنڊز وٺي ڊگري ڪاليج جا رھجي ويل ڪم جلد مڪمل ڪرايا ويندا: رياض حسين شاهه شيرازي

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي ڊگري ڪاليج مڪلي جو دورو ڪري ھلندڙ ڪمن جو جائزو وٺندي چيو ته ڊگري ڪاليج ٺٽي جي وڌيڪ ترقياتي ڪمن لا۽ وزير اعلي سنڌ کان فنڊز وٺي رھجي ويل ڪمن کي جلد مڪمل ڪرايو ويندو، ھن چيو تہ تعليم جو صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري ايجوڪيشن پڻ تعليم تي وڌيڪ توجھ ڏيئي رھيا آھن، جن جي خواھش آھي تہ سنڌ ۾ تعليمي نظام کي بھتر کان بھتر ڪجي، ھن چيو تہ ڊگري ڪاليج ٺٽو اسانجو ادارو آھي، جنھن جي ترقي لا۽ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، ھن ايڪسين کي ھدايت ڪئي تہ ھو پرنسپل ڊگري ڪاليج پاران ڏنل ڪمن کي پورو ڪرڻ لا۽ پنھنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي جيترا ڪم ٿي سگھن ٿا انھن جي بجيٽ ڏيئي اھي ڪم مڪمل ڪرايا وڃن، باقي رھجي ويل ڪمن لا۽ وزير اعلي سنڌ کان فنڊ حاصل ڪري انھن کي بہ مڪمل ڪرايو ويندو، ان موقعي تي سيد مدد علي شاھ ڪاظمي، سيّد فدا شاھ، آپڪا جو مرڪزي اڳواڻ عبدالطيف کتري، محمد خان چانڊيو، امام ڏنو درس ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ