اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

وزيراعظم سان ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ آغا رفيع الله جي ملاقات

سنڌي خبرون 13th Nov 2025 357 مناظر
وزيراعظم سان ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ آغا رفيع الله جي ملاقات

ڄام عبدالڪريم جوکيو، وزيراعظم جو ڌيان گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ڏانهن ڇڪايو

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)قومي اسيمبلي جي میمبر ۽ چيئرمين سوشل ويلفيئر پيٽروليم ڊويزن ضلعو ملير سردار جام عبدالڪريم بجار جوکيو ۽ ايم اين اي سيد آغا رفيع الله وزيراعظم ميان شهباز شريف سان اهم ملاقات ڪئي ملاقات دوران ضلعي ملير جي ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي جي قدمن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو، وزيراعظم جي ڌيان کي گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ڏانهن ڇڪايو ۽ فوري حل لاءِ زور ڏنو هن چيو ته اسٽيل مل جي انتظاميا پاران پارٽي اڳواڻن ۽ نمائندن خلاف داخل ڪيل ايف آئي آرون عوامي خدمت ۾ رنڊڪ بڻيل آهن، جيڪي ختم ڪيون وڃن وزيراعظم ميان شهباز شريف خاطري ڪرائي ته گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي پاڻي جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا، جڏهن ته جمعي جي ڏينهن وفاقي وزير پيداوار ٻنهي ايم اين ايز سان ملاقات ڪري عملي قدم کڻندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ