اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

نيوسعيدآباد پوليس پاران قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 02nd Dec 2024 156 مناظر
نيوسعيدآباد پوليس پاران قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

جان محمد ڪيريو جي قتل ڪيس ۾ گهربل شبير عرف ٻور رند کي گرفتار ڪري ورتو آهي: پوليس

نيوسعيدآباد (رپورٽر) نيو سعيد آباد پوليس 15 ڏينھن اڳ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيل جان محمد ڪيريو جي ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار شبير عرف ٻور رند کي گرفتار ڪري ان وٽان هڪ عدد پستول گولين سميت هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران جان محمد ڪيريو جي قتل ڪيس ۾ گهربل شبير عرف ٻور رند کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جان محمد ڪيريو کي 15 ڏينهن اڳ ڦر دوران قتل ڪيو ويو هو، جوابدارن وٽان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون، گرفتار ڪيل شبير عرف ٻور رند تي لنڊو ٿاڻي سميت سانگهڙ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي سنگين نوعيت جا ڪيس داخل ٿيل آهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ