نوشھروفيروز ۾ ڳوٺ دڙي وارا ٻوھيا جي رھواسين جو بدامني ۽ پوليس خلاف احتجاج
نوشھروفيروز ۾ ڳوٺ دڙي وارا ٻوھيا جي رھواسين جو بدامني ۽ پوليس خلاف احتجاج
نوشهرو فيروز (ڊر) ڳوٺ دڙي وارا ٻوهيا جي ڳوٺاڻن جو بدامني چورين ڦرن ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف صحافين ۽ ڳوٺاڻن جو عورتن سميت پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي صحافي علي بخش ٻوهيو، مسمات سڪينه ٻوهيو، ايس ٽي پي اڳواڻ اسد چانڊيو، ايس يو پي اڳواڻ سڪندر اعظم ڪلهوڙو، مشاهد ٻوهيو، معروف ٻوهيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته نوشهرو فيروز پوليس جي سرپرستي ۾ بدامني جو راڄ آھي اسان جا مائٽ جيڪي لاڙڪاڻي کان اسان جي ڳوٺ دڙي وارا ٻوهيا شادي ڪرائڻ لاءِ اچي رهيا هئا ته نيشنل ھائي وي نور پور لڳ تي ڄڃ جي وين کي ڦورن يرغمال ڪري ڦر ڪئي وئي اسان ڳوٺاڻن جي پهچڻ تي ڦورو فرار ٿي ويا اسان ان ڦورن کي سڃاتو جن ڏوهارين ۾ نذير احمد، احمد رضا، عبدالغفار سميت ٻيا شامل هيا تن تي خلاف نوشهرو فيروز ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايوسين ۽ واقعي جون خبرون هلارايوسين ان بعد پوليس ايس ايڇ نوشهر فيروز هدايت الله بجاراڻي ۽ ڊي ايس پي عبدالله لاکير ڏمرجي پيو پوليس ڦورن کان رشوت وٺي اسان ڳوٺاڻن سميت صحافي علي بخش ٻوهيو تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ڪري ڇڏيوآھي ڦورن کي ايس ايڇ او رفيق احمد ٻوهيو ۽ ٻين بااثر وڏيرن جي سرپرستي حاصل آھي ڏوهارين تي ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس انهن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي رهندو اسان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي هاڻي جوابدار اسان ڳوٺاڻن کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن اسان ڳوٺاڻن کي تحفظ ڏيڻ سان گڏ جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان تان ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي جڏهن ته ٻئي طرف سنڌ صحافي اتحاد پاران صحافي پٽاڻ ٻوهيو تي ڪوڙو ڪيس داخل خلاف سومر ڏينهن نوشهرو فيروز پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويندو