ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ ڪوڙي جا ڀاڻ جي رھواسين جو ڊاڪٽر خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 22nd Jul 2026 115 مناظر
نوشھروفيروز ۾ ڪوڙي جا ڀاڻ جي رھواسين جو ڊاڪٽر خلاف احتجاج

اظهار حسين سولنگي، صفدر سولنگي، خادم سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

نوشهروفيروز(ڊر)نوشهروفيروز لڳ مٺياڻي علائقي ڪوڙي جا ڀاڻ جي رھواسي سولنگي برادري جي ماڻهن ڊاڪٽر خليل احمد پيرزادو جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين سخت نعريبازي ڪري لاڳاپيل اختيارين کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. مظاهري جي اڳواڻي اظهار حسين سولنگي ۽ صفدر سولنگي ڪئي. خادم سولنگي. احمد علي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سندن برادري جو هڪ مريض فھيم سولنگي ڊاڪٽر خليل احمد پيرزادو جي ڪلينڪ تي علاج لاءِ ويو، جتي ساڻس گڏ ڊرپس ۽ انجيڪشن کڻي ويا. هنن جو چوڻ هو ته علاج کانپوءِ ڊاڪٽر کين دوائن جا معاوضو به ڏيڻ جو چيو، جنهن تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪلينڪ پاران استعمال نه ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جڏهن مريض مٿس اعتراض ڪيو ته ڊاڪٽر مبينا طور تي نه رڳو مٿس بدتميزي ڪئي پر کيس گلي مان جهلي بي عزتي پڻ ڪئي. احتجاج ڪندڙن وڌيڪ الزام هنيو ته ان دوران سولنگي برادري خلاف نازيبا لفظ پڻ استعمال ڪيا ويا، جنهن سان پوري برادري کي ڏک پهتو. احتجاج جي آخر ۾ احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن کين انصاف نه مليو ته هو ڊي ايڇ او نوشھرو آفيس اڳيان احتجاج ڪنداسون
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ