پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ ڊاڪٽر تي غلط آپريشن ڪري نوجوان جي نازڪ عضوي جي رڳ ڪٽڻ جو الزام

سنڌي خبرون 22nd Oct 2023 91 مناظر

ڊاڪٽر غلط آپريشن ڪري نوجوان جي نازڪ عضوي جي رڳ ڪاٽي ڇڏي جنھن ڪري سندس حالت خراب ٿي وئي آھي

نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشھروفيروز ۾ قائم نجي مائده ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽر پريل تڳر مريض جو غلط علاج ڪري نازڪ عضوي جي رڳ ڪٽي ڇڏي۔ مريض نوابشاه اسپتال ريفر۔ وارثن جو ڊاڪٽر خلاف احتجاج ڪيس داخل ڪري سينٽر بند ڪرڻ جو مطالبو۔ ڪنڊيارو سان تعلق رکندڙ غلام نبي ڪليري مائده ميڊيڪل سينٽر اڳيان احتجاج ڪندي چيو آھي ته منهنجي پٽ پرويز علي ڪليري جو پيشاب بيهي ويو هو جنهن کي اسان نوشهرو فيروز ۾ ڊاڪٽر پريل تڳر جي پرائيويٽ سينٽر تي کڻي آياسين جتي هن مريض جو غلط آپريشن ڪري سندس نازڪ عضوي واري رڳ ڪٽي ڇڏي آھي ۽ مريض جي حالت تمام خراب ٿي چڪي۔ هنن چيو ته ڊاڪٽر اسان کي ڌڪا ڏئي سينٽر تان ڪڍي ڇڏيو جنهن ڪري اسان مجبور ٿي مريض کي نوابشاه کڻائي وڃي رهيا آھيون۔ هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪوس گهر بڻيل مائده ميڊيڪل سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر پريل تڳر خلاف ڪيس داخل ڪري سندن سينٽر بند ڪري ماڻهن کي ڪوس گهر مان بچايو وڃي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ