ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز پوليس پاران زال کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 19th Dec 2023 57 مناظر

نوشھروفيروز پوليس پاران زال کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروزڀرسان ڳوٺ مبارڪ ڏنگراج ۾ قتل ٿيل عورت وارومعاملو نوشهروفيروز ٿاڻي تي ڪيس جوابدار مڙس عمير ٻاٽ مٿان داخل ڪيس مقتولا صابرا جي ڀاءُ اختيار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويوجوابدار عمير گھرو تڪرار تان ڀيڻ کي بنا جواز جي قتل ڪيو.آهي اسان جي ڀيڻ کي قتل ڪندڙ جوابدار کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪنداسين ۽ ڪورٽ وسيلي کيس سزا ڏيارڻ تائين خاموش نه ويهندس ٻئي طرف ڪيس داخل ٿئڻ بعد نوشهروفيروز پوليس جوابدار عمير کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته جوابدار پاران گهروائي کي قتل ڪرڻ وارو ڏوهه قبول ڪيو ويو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ