پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ويجھو عورت کي مبينا تشدد بعد زھر ڏئي مارڻ جي ڪوشش جو انڪشاف

سنڌي خبرون 19th Oct 2023 51 مناظر

ڳوٺ نواب خان ٻاٽ ۾ ڏي وٺ تحت سڱ گھرڻ تان قربان وارن ڀيڻ کي تشدد بعد زھر ڏنو:شمن ٻاٽ

نوشهرو فيروز (ڊ ر) ڳوٺ نواب خان ٻاٺ ۾ 60 سلام جي عورت کي مبينه تشدد ڪري زھر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنھن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ داخل ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ عورت جي ڀاءُ شمن ٻاٺ دانھيندي ٻڌايو ته ٻه سال اڳ اسان پنھنجي مائٽ قربان سان سنڱاوتي ڏي وٺ ڪئي ھئي ۽ منھنجي ڀيڻ مسمات حور سڱ وٺڻ لاءِ ڄاڻايل ڌر جي قربان، طارق، نويد، افضل ۽ ٻين وٽ وئي ته انھن منھنجي ڀيڻ کي ٻڌي انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کيس زھر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن چيو ته اسان کي پاڙي وارن اطلاع ڪيو ۽ اسان پنھنجي ڀيڻ کي کڻائي سول اسپتال نوشهروفيروز پھتا آھيون. ھن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري کيس انصاف فراھم ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ